شيخ علي سيوستاني

شيخ، علي سيوستاني: هي بزرگ قلندر لعل شهباز جي سير ۽ سفر دوران به ساڻس گڏ هو. جڏهن قلندر لعل شهباز سيوهڻ ۾ رهائش اختيار ڪئي ته پاڻ به ساڻس گڏ هتي رهي پيو. شيخ علي جناب دحيته الڪلبي صحابي سڳوري جي اولاد مان آهي. هن جي سنڌ ۾ سمن مان شادي ٿي، جنهن مان کيس ٻه فرزند پيدا ٿيا: شيخ اسحاق ۽ شيخ آهندو. انهن ٻنهين جو اولاد ئي لعل شهباز جي درگاهه جا متولي ۽ مجاور ٿيندا اچن ٿا. ڇو ته شيخ علي، لعل شهباز جي وفات کانپوءِ سندس جاءِ نشين ۽ متولي هو. شيخ علي جو دستور هوندو هو ته جو ڪجهه به درگاهه تي ايندو هو ته ا هو سڀ ڪجهه مسافرن ۽ درويشن کي کارائي ڇڏيندو هو. پنهنجي عيال کي توڪل تي رهڻ جي تلقين ڪندو هو. هن جي وفات جو وقت جڏهن ويجهو آيو، تڏهن پنهنجي اولاد کي سڏائي وصيت ڪيائين ته درگاهه جي آمدني ۾ طمع نه رکجو ۽ نه پنهنجي ملڪيت سمجهي، ان کي کائجو، پر مسافرن ۽ مسڪينن جو قوت بڻائجو. پاڻ 21 شعبان سن 687 هجري مطابق 26 سيپٽمبر 1288ع ۾ وفات ڪري ويو. پر ڏهين صدي هجري تائين (شاهه حسن ارغون جي حڪومت تائين) شيخ علي جو اولاد ئي درگاهه جو گادي نشين رهيو. کاٻڙوٺي ۽ لڪياري سيدن جو قبضو پوءِ ٿيو، جو اڄ تائين قائم آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو